ڪنري ۾ اٽي جو بحران، عوام سراپا احتجاج، اسٽال اڳيان احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري تعلقي ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران ۽ بليڪ تي وڪرو بند ناهيa ٿي سگھيو جنھن سبب عوام سراپا احتجاج بڻيل آھي. گذريل ڏينھن سستو اٽو نه ملڻ ۽ بليڪ تي وڪري سبب متاثر عورتن ۽ مردن ٻسٽان روڊ تي قائم سستي اٽي جي اسٽال اڳيان مين ميرپورخاص روڊ بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھڻي ڇڏيو. مظاھرين پاران ڇتي نعريبازي ڪندي دڪان جي شٽر کي ڏنڊن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڌرڻي سبب مختلف شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. مڇريل عورتن پاران شھرين سان منھن ماريون ڪيون ويون، اسٽال تي عورتن جي پيهھ سبب ھڪ عورت بيھوش ٿي وئي جنھن کي سندس ساٿي عورتن کڻائي گھر منتقل ڪيو جڏھن ته مردن جي وڏي قطار ۽ رش سبب ڍڊرو کان اٽو وٺڻ لاءِ آيل معذور پورھيت قطار ۾ بيھڻ سبب دٻجي ويو. کيس پوليس اھلڪارن اچي ٻاھر ڪڍيو. ان موقعي تي متاثرن خورشيده بيگم، مسمات شريفان، حاجران، ريشمان ڀٽي، تلوڪ ڀيل، جمن آزاد ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو ته مھانگائي سبب سخت عذاب ڀوڳي رھيا آھيون، ھر شيءَ کي پر لڳي ويا آھن، ڪٿي به سستو اٽو نٿو ملي، چڪين ۽ فلور مل مالڪن عوام کي سستو اٽو ڏيڻ بدران ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏئي تذليل ڪن ٿا. ھنن چيو ته  انتظاميا رڳو فوٽو ڪڍڻ ۾ پوري آھي، سستي اٽي جي اسٽال تي عوام کي سرمو پارايو پيو وڃي، ڪجھ ڪلاڪ 5 ڪلو اٽي وارا ٿيلھا ڏئي بعد ۾ اسٽال کي بند ڪيو ٿو وڃي، اسان روزانو ائين ئي قطارن ۾ بيھي بيھي ٿڪي پئون ٿا، ھنن چيو ته ھاڻ سستي اٽي جي اسٽال تي به اٽو مھانگو ڪيو ويو آھي، 5 ڪلو اٽي جو ٿيلھو 400 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، غريب ماڻھو آھيون، 500 روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورھيت پنھنجي گھر جي ڪيون، بيماري جي ڪيون يا اٽي جي ڪيون، ھلندڙ حالاتن زندگي جي سمورين خوشين کان محروم ڪري ڇڏيا آھن، حڪومت ۽ مشينري غائب آھي، ھنن گھر ڪئي ته حڪومت اٽي سميت ٻين شين جي وڌندڙ مھانگائي تي قابو آڻي عوام کي ريليف فراھم ڪري ته جئين غريب ۽ ڏھاڙيدار مزدور پنھنجي زندگي بھتر گذاري سگھن. ھوڏانھن ڪنري پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.