سکر: قبرستان مان وڻ ۾ ٽنگيل تشدد ٿيل لاش هٿ

سکر ( رپورٽر) سکر  جي نئين ڳوٺ قبرستان مان 35 ورھين جي نوجوان غلام نبي چاچڙ اسلام ڪالوني جو رھواسي چئن ٻارڙن جي پيءُ جو قبرستان جي  وڻ مان ٽنگيل تشدد ٿيل لاش مليو،  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي  لاش تحويل ۾ وٺي  سول اسپتال سکر پھچايو، سڃاڻپ غلام نبي نالي سان ٿي،  ان سلسلي ۾ حد جي پوليس جي وڏي منشي خليق الرحمان مھر جو چوڻ آھي ته مقتول جو لاش وڻ مان ٽنگل مليو آھي، جنھن جي ڳچي ۾ رسو ٻڌل آھي، گھر ڀاتي چئي رھيا آھن ته نوجوان ڪوچ تي ڪنڊيڪٽر ھو ڪالهھ موڪل ڪري آيو ھو شام جي وقت گھران نڪري ويو واپس نه موٽيو صبح جي وقت قبرستان مان ٽنگيل لاش جو اطلاع مليو آهي، پوليس لاش اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.