ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگھڙي مير جان محمد ڪالوني جي رھواسڻ روزينا عباسي ڊگھڙي ٿاڻي تي درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته منھنجو مڙس رمضان ڀريا سٽي ۾ رھندو آھي جيڪو اڄ اچي چيو ته بينڪ مان قرض وٺن بھاني مونکي وٺي ويو، هن رستي ۾ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ جي آيل قسط 7000 ھزار مليا آھن جيڪي ان مونکان گھريا پيسا مون منع ڪئي ته رستي ۾ مون مٿان تشدد ڪيو آھي، منھنجي رڙين تي گهٽي ۾ بيٺل ماڻھو اچي ويا مونکي ڇڏي ڀڄي ويو، آئون ٽن سالن کان پنھجي مائٽن جي گھر ۾ رھندي آھيان، مونکي خرچ پکو ڪو نه ٿو ڏي ، جنھن مان مونکي 3 ٻارڙن جو اولاد آھي، جڏھن ته علاج لاءِ پوليس عورت کي ليٽر پڻ ڏنو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي