ڪولاب جيئل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ زخمي

ڪولاب جيئل/ خيرپور (نمائندن وٽان) ڪولاب جيئل ٽنڊو مستي ويجھو اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد قومي شاھراھ تي هٿياربندن جي ڪاھ ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرالر ڊرائيور گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، اڪنامڪ زون پوليس  ھٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ٽرالر ڊرائيور محمد منشاء ولد رشيد جويوکي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو جتي زخمي ڊرائيور جو علاج هلندڙ آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل رات دير سان اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد قومي شاھراھ ڪيلا پوليس پڪٽ وٽ هٿياربند قومي شاهراهه تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ڪراچي کان سکر طرف ويندڙ مسافر ڪوچ کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪوچ ڊرائيور پاران نه بيهارڻ تي هٿياربندن ڪوچ مٿان فائرنگ ڪئي جيڪي فائر ڪوچ بدران ٽرالر کي لڳا جنهن سبب ٽرالر ڊرائيور گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو ۽ هٿيار بند آسان سان فرار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.