راڻيپور: پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور پوليس صوڀوديرو لنڪ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن سان مقابلو ٿي پيو، پوليس هڪ جوابدار اياز شر ولد اڪرم شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي ٻڌايو ه اسان کي ڳجهو اطلاع مليو ته صوڀوديرو لنڪ روڊ تي ٽيوب ويل وٽ ڦورو ڦر جي ارادي سان بيٺل آهن، ڳجهي اطلاع تي اسان واقعي واري ھنڌ پهتاسين ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، اسان به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪري ورتو  جنهن جي سڃاڻپ اياز شر ولد اڪرم شر طور ٿي آهي، جوابدار جي مٿان 20کان مٿي مختلف ٿاڻن تي اغوا ڦر چوري پوليس مقابلن جا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته ٽي ڦورو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي ٿيل ڦورو وٽان بغير لائنس پسٽول ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.