دادو: ڦلجي اسٽيشن ۾ پوليس اهلڪار جي گهر مان چوري

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، چور پوليس اهلڪار جي گهر ۾ داخل ٿي هڪ لک ماليت جي چوري ڪري ويا جنهن ۾ 2 موبائيل فونون، 2 سولر سسٽم بيٽريون، چارجر، بئٽري چارجر، انويٽر چوري ڪيل سامان ۾ شامل آهن پوليس اهلڪار غلام ياسين پنهور دانهيندي چيو ته مان دادو ۾ رات جي ڊيوٽي تي ويل هئس ته پٺيان اڻڄاتل چور منهنجي گهر ۾ داخل ٿي چوري ڪري ويا، ڦلجي اسٽيشن پوليس چوري هجي رپورٽ داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي تازو بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل وارڊ نمبر 3 جي ميمبر خوشي محمد راجپوت کي مقامي پوليس جي رويي جي شڪايت ڪئي جنهن ٿاڻي تي فون ڪري نامعلوم چورن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، ڦلجي اسٽيشن جي شاهه عبدالطيف اڪيڊمي محلي جي رهواسين جو ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته هن محلي ۾ پوليس جي پڪٽ قائم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.