خيرپور ڀرسان مشهور واپاري شڪيل ميمڻ کان لکين رپيا ڦر

خيرپور  (س ر ) اي  سيڪشن ٿاڻي جي حد  نيو کجور اناج منڊي  ڀرسان  مشھور  واپاري  مسرور ولد شڪيل احمد ميمڻ کان نامعلوم هٿياربندن  اسلحي  جي زور تي يرغمال بڻائي  10 لک روڪ رقم  ڦر ڪري فرار ٿي ويا ، متاثر  واپاري  ٿاڻي تي پهچي فرياد  داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڏوهارين کي  گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي، ياد  رهي ته  گذريل  ڪيترن  ئي  ڏينهن  کان خيرپور ۽ ڀرسان قومي شاهراهه  تان  ڦر ٿيڻ ، قتل ۽ چوري  سميت ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آھي  پر  خيرپور  پوليس ڏوهن تي  ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام  بڻيل  آھي،  جڏهن  ته شھري ۽ واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.