خيرپور: مختلف ڪئنالن مان واري ۽ مٽي ڪڍڻ جو سلسلو بند نه ٿيو

خيرپور(ڊ ر)سنڌو درياھ سکهر وٽان نڪرندڙ ميرواھ ڪئنال روهڙي ڪئنال ۽ ابل ڪئنال مان پرائيويٽ ماڻهن طرفان مشين جي ذريعي غيرقانوني  واري ۽ مٽي ڪڍڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگھيو جنهن عمل خلاف مقامي ڳوٺاڻن طرفان فيض واھ ٺيرهي پل ۽ مٺو مري وٽ ڌار ڌار آبپاشي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جنهن جي اڳواڻي اڳوڻو ڪائونسلر ارباب علي حاصخيلي،اميد علي،غلام مصطفيٰ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جن صحافين کي ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان پٺاڻن جا ڪٽڪ هيوي مشينن ۽ ٽيڪٽرن سان ڪئنالن ۾ لهي پيا آهن ۽ هو غيرقاني مٽي کڻي واھن جا ڪپر ڪٽي بلڊرمافيا کي پئسن عوض ڏين ٿا ۽ آبپاشي عملدار انهن جي نگراني ڪن ٿا رات ڏينهن واھن ۽ ڪئنالن ۾ هيوي مشينو هلن ٿيون، اسان مقامي ڳوٺاڻن جو ننڍون حرام ٿي ويون آهن جنهن به وقت 10 ڏينهن کان پوءِ واهن ۾ پاڻي آيو ته واهن جا ڪپر هنڌان هنڌان ٽٽي پوندا، ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر پاڻي جي لپيٽ هيٺ اچي ويندا ۽ اسان ڳوٺاڻا به لڙهي ٻوڏي مري وينداسين، هنن چيو ته غيرقانوني واري ۽ مٽي ڪڍڻ جي سلسلي کي روڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.