دادو ۾ عوامي شاعر استاد بخاري جي سالگرهه ملهائي وئي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌي ۽ سرائڪي ٻولي جي سداحيات عوامي شاعر احمد شاهه استاد بخاري جي 93 هين سالگرهه شاندار نموني ملهائي وئي، استاد بخاري ادبي ڪائونسل سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر الطاف شاهه بخاري  دادو پريس ڪلب جي شهيد بيينطير ڀٽو ڪمونٽي هال ۾ ڪيڪ ڪاٽيو جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻه ڪئمپس جي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي ڀنڊ، نامياري صحافي ۽ استاد بخاري جي شاعري جو حافظ گلڻ ڀنڊ، سينيئر صحافي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو جي صدر غوث علي جهتيال، لياقت علي ملڪ، ڪامران ڪورائي، آصف علي سومرو، حميد سميجو، عمران ڪورائي، ديدار علي شيخ، فتاح شيخ، سرور جلال سولنگي، تابش بخاري، عمران سومرو، لالا ستار قريشي، محمد بخش ڪورائي، راجا رفيق پنهور، سجاد يوسف سومرو، ارشاد پنهور، ضمير ڪوريجو، ارم عباس سولنگي، ڪشف عباس سولنگي، نصيم لغاري، آصف چارڻ، نياز الاهي ابڙو، شيراز شيخ، شوڪت ملاح، ۽ ٻين استاد بخاري جي مداحن، سميت دادو جي شهرين سماجي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن، شاگردن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سالگرهه جي موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڄ سنڌ جي سدا بهار ۽ سداحيات عوامي شاعر استاد بخاري جي 93 هين سالگرهه آهي اڄ هن تقريب ۾ شامل ٿي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ جو استاد سڄي زندگي سنڌ ڌرتي لاءِ گيت ۽ شعر لکيا آهن استاد بخاري سنڌ ۽ اديب جي تاريخ جو سهڻو باب آهي جيڪو هميشه پڙهيو ويندو، هي پنهنجي نالي وانگر شاعري ۾ استاد هيو اڄ سندس ڪافي شاعري جا شاگرد سنڌ جا بهترين شاعر ۽ فنڪار بڻجي ويا آهن، استاد بخاري اڄ به اسان ۽ توهان جي وچ ۾ موجود آهي جيڪو ٻولي ۽گنگنائي پيو، استاد بخاري پورهيت طبقي ۽ سنڌ جي سونهن تي تمام گهڻو لکيو آهي، مڪاني چونڊن سبب سالگرهه تقريب دير سان ڪرڻي پئي پر دادو جي شهرين جنهن ۾ استاد بخاري جو خاندان شامل آهي ۽ سڄي سنڌ استاد بخاري جي سالگرهه کي تمام گهڻو ياد ڪيو آهي، دادو پريس ڪلب سنڌ جي قومي هيروز کي ياد ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي پئي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.