پڊعيدن لڳ صحافي جا گهر ڀاتي يرغمال، 10 لک ڦر. ڌرڻو

پڊعيدن ( رپورٽ : ذيشان واسواڻو )پڊعيدن اسٽيشن رات دير سان تاج ڪالوني مان صحافي بلال اشرف آرائين جي گهر ۾ 7هٿيار بند گهر ۾ گهڙي  گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي هڪ ڪمري ۾ ٻڌي 10لک ڪيش، تولا سون 2موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿيارن جي زور تي کڻي گهر ڀاتين تي تشدد ڪري فرار صحافي بلال اشرف آرائين ميڊيا کي ٻڌايو ته رات اسان پنهنجي گهر ۾ ستل هئا سين ته ست هٿيار بند گهر ۾ گهڙي اسان تي تشدد ڪري هڪ ڪمري ۾ بند ڪري لکين رپين جو ڌاڙو هنيو آھي، ٻئي پاسي واقعي واري جاءِ تي ڊي ايس پي نوشھروفيروز يار محمد رند، ايس ايڇ او ڀرياسٽي منير لغاري، ايس ايڇ او نوشھروفيروز، حنيف مهر، واقعي جا تفصيل ورتا,ڊي ايس پي نوشھروفيروز يار محمد رند چيو ته تمام افسوس ٿيو آھي جو ايڏو وڏو واقعو ٿيو ٻئي پاسي  صحافين ۽ شھرين بلال اشرف آرائين، ايم ظفر تڳر، ايم امتياز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  نصرت ڪئنال تي ڌرڻو هنيو ويو ، ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.