دادو ڀرسان شاخن جي وڻن جي غيرقانوني واڍي جاري

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) دادو ڀرسان پير شاخ ۽ دائم شاخ تي پوکيل ڪونو جي وڻن جي غير قانوني واڍي ڪئي پئي وڃي، انهن شاخن تي ڪونو جا وڻ گذرندڙ مسافرن، آس پاس جي ڳوٺاڻن، مالوند ماڻهن لاءِ ڇانوَ ڏيندڙ ۽ سندن کي سايو فراهم ڪري رهيا هئا.، انهن وڻن جي واڍي ڪرائڻ ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته مقامي زميندار سڪندر شاھ، عرفان شاھ، امام بخش شاھ، راجو شاھ ۽ آصف برهماڻي جا موڪليل ماڻهو واڍي ڪري رهيا آهن، انهن وٽ جديد آرا مشين ۽ ٻيا اوزار واڍي جي ڪم آڻي رهيا آهن، علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملو رشوت عيوض ھٿ وٺي وڻن جي واڍي ڪرائي رھيو آهي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته غير قانوني وڻن جي واڍي ڪندڙ بااثرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سميت ڊپٽي ڪمشنر دادو هن نقصان جو ازالو ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.