اوٻاوڙو لڳ باهه، گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک

اوٻاوڙو (  رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ نصير ڌانڌو ۾ باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ مينگھواڙ برادري جا چار گھر سڙي ويا جنهن سبب گهر ۾ رکيل نياڻين جي ڏاج گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته باھ سولر پليٽن جي شاٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي، ڪوڙل ٿوري ، گلشير ٿوري، محرم ٿوري ۽ مٺو ٿوري جا گھر سڙي ويا، جڏهن ته اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باھ وسايڻ جي ڪوشش ڪئي گهر ڪکاوان هجڻ ڪري باھ ڀڙهڪي پئي ۽ گهر سڙي ويا،  سخت سردي ۾ متاثر ننڍڙي ٻارڙن سان گڏ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جنهن چونڊيل نمائندن، ڊي سي گهوٽڪي، اي سي اوٻاوڙو ۽ وس وارن کان سھائتا  جي اپيل ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.