خانپور مهر لڳ مينهن چوري، ڳوٺاڻن ۽ ڀاڳين ۾ جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (  ن ع آ ) گذريل رات نامعلوم چور خانڳڙه واسي جان محمد مهر جي گھران مينهن چوري ڪري ويا ڀاڳين چورن جو پيرو کڻي ڳوٺ قلاتي گبول ۾ راحب گبول جي گهر ۾ هنيو جنهن تان ڳوٺاڻن ۽ ڀاڳين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي مٿان لٺين، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن بعد خانڳڙه واسي رياض احمد پٽ جان محمد مهر جي فرياد تي خانپورمهر ٿاڻي تي نظير گبول، راحب گبول ،اڪبر گبول ۽ 3 نامعلوم جوابدارن سميت 6 ڄڻن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس اٽالن ڳوٺ قلاتي گبول تي چڙهائي ڪري چوپايو مال ماري آئي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.