صلاح الدين ۽ اقبال قاسم پاران ڪمشنر ميراٿون ۾ شرڪت جو اعلان

ڪراچي(پ.ر) اين بي پي ڪمشنر ڪراچي چوٿين مراٿون جيڪا 29 جنوري بروز آچر تي نشان پاڪستان سي ويو تي منعقد ٿيندي ان حوالي سان ڪمشنر ڪراچي جي اسپورٽس ڪو آر ڊينيٽر غلام محمد خان سان  مشھور رانديگرن ملاقات ڪئي ملاقات ڪمشنر ڪراچي جي اسپورٽس ڪو آرڊينٽر رانديگرن جي گھر وڃي ڪئي . غلام محمد خان مشھور ليجنڊ رانديگرن کي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ طرفان ميراٿون ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا دعوت قبول ڪندي ليجنڊ رانديگرن چيو تـ NBP ڪمشنر ڪراچي چوٿين ميراٿن ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين . ملاقات ڪندڙ رانديگرن چيو تـ صرف خود ئي نـ پر ڪيترائي ھاڪي ۽ ڪرڪيٽ جا ٻيابـ رانديگر سندن گڏ ميراٿون ۾ شرڪت ڪندا .   غلام محمد خان چيو تـ ڪورنگي ۾ شوٽنگ بال ايسوسيئيشن جي خزانچي اعجاز قريشي طرفان واحد شوٽنگ بال ڪورٽ وٽ ھڪ استقباليا ڪيمپ لڳائي وئي آھي جنھن جي ذريعي ڪورنگي واسين کي مراٿون ۾ شرڪت جي فائدن ۽ ضابطن بابت آگاھي ڏني پئي وڃي . ملاقات ڪندڙ اولمپين  صلاح الدين ٽيسٽ ڪرڪيٽر اقبال قاسم شعيب محمد توصيف احمد جا اھڙي مثبت موٽ ڏيڻ تي غلام محمد خان ٿورا مڃيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.