غلام الله ۾ سماجي ڪم ڪندڙ نوجوانن جي مان ۾ تقريب

غلام الله (رپورٽ: پيرل پياسي) ننگر پبلڪ پريس ڪلب پاران ٺٽو يوٿ ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن ۽ دي بلڊ ھيروز ٺٽي جي نوجوانن جي مان ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي سماجي ڪارڪن نوجوان ساجد شيخ، سرفراز احمد، ساجد نبي ۽ حيان خليل چيو ته دي بلڊ ھيروز ٺٽو کي سالاني تقريب ۾ بيسٽ ايڪٽو ٽيم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ٺٽي جي ٽيم ھر سال ٿيليسميا جي مريضن لاءِ ھڪ ڪيمپ آرگنائز ڪندي آهي ٿيليسميا جي مريضن جي لاءِ رت گڏ ڪندي آهي جيڪو ھڪ بھترين ۽ انسان دوست عمل آھي، دي بلڊ ھيروز پاران ھڪ ملڪ گير سالياني اجلاس پشاور ۾ منقعد ڪيو ويو، خاص طور تي ضلعي ٺٽي ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي ٺٽي جي شھرين انھن نوجوانن لاءِ ھڪ اعزاز ۽ اتساھه آھي، جيڪي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آھن، ٺٽي جي نوجوانن کي گھرجي تـ ملڪ ۾ سماجي ڪمن ۾  اڳڀرو ٿي ٺٽي جو نالو روشن ڪن. دي بلڊ هيروز ٺٽي جي ٽيم ننگر پبلڪ پريس ڪلب ٺٽو جو پڻ ٿورو مڃيو. انھي موقعي تي ننگر پبلڪ پريس ڪلب ٺٽو جو باني حيدر جويو، صدر ممتاز سميجو، اڳوڻو صدر جاويد ميمڻ، خرانچي حقنواز شيخ ۽ صحافي عزير ڀٽو پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.