لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ڪتن 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم ٿي نه سگهيو، رولو ڪتن وڌيڪ 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 3 سالن جي نجمه، 4 سالن جو مبين علي،  5 سالن جي ظهيران بيبي، 6 سالن جو حاجي علي، 6 سالن جو نياز علي، 10 سالن جو فرمان علي، 10 سالن جو عادل، 15 سالن جو شڪيل، 25 سالن جي اقصيٰ خاتون، 35 سالن جو ارشاد، 38 سالن جو وحيد علي، 38 سالن جو امتياز علي، 43 سالن جو علي انور، 45 سالن جي نظير خاتون، 52 سالن جو منظور علي ۽ 58 سالن جي مائي اقبال خاتون شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ان موقعي تي اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن سان آهي جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن کي بروقت ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.