دادو ۾ خوراڪ کاتي طرفان گُدام مان 3700 ڪڻڪ جون ٻُوريون وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) دادو ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ کوٽ ڇو ٿي ڪارڻ سامهون اچي ويا فوڊ کاتي طرفان نيو سبزي منڊي ۾ قائم ڪيل گُدام WPC مان 3700 ٻُوريون وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف  ٿيو آهي، فوڊ کاتي جي انسپيڪٽر سرور سومرو طرفان WPC گدام مان 3 ڪروڙ 70 لک روپين جي ماليت جون ڪڻڪ سان ڀريل ٻُوريون عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيون خوراڪ کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن ڪي به اپاءَ نه ورتا ملي ڀڳت سبب فوڊ کاتي جو ملازم انسپيڪٽر سرور سومرو ڪارروائي کان آجو آهي،  دادو جي شهرين، سول سوسائٽي جي نمائندن نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته انسپيڪٽر سرور سومرو خلاف ڪارروائي ڪري ڪوٽا تحت آيل ڪڻڪ سان ڀريل ٻُوريون واپس ڪرائي هتان جي مسڪينن ۽ غريبن کي سستو اٽو مهيا ڪيو وڃي ملوث انسپيڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.