درياخان مري لڳ چور دڪان مان سامان ٻهاري ويا

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري نصرت واھ وٽ لياقت مارڪيٽ مان نامعلوم چور راڻو ڀيل جي ريزڪي دڪان جي ڇت ٽوڙي دڪان اندر پيل کنڊ، چانھه، گيھه، اٽو ،سگريٽ دال مرچ سميت سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا متاثر دڪاندار راڻو پٽ مصري ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته جيئن ئي ريزڪي دڪان کوليو ته دڪان اندر پيل سامان غائب ھو ۽ دڪان جي ڇت ٽٽل ھئي. دريا خان مري ٿاڻي تي نامعلوم چورن خلاف دڪان مان چوري ڪرڻ جي اين سي داخل ڪرائي آھي مگر آخري اطلاعن تائين چوري ٿيل سامان ۽ چور ھٿ نه اچي سگھيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.