ڳڙهي خيرو ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ احتجاج

ڳڙھي خيرو (ن ع آ)  ڳڙھي خيرو ۾ ايس ٽي پي جي اڳواڻ حاجي ميھر علي ديناري، ارباب علي سيال، مير گل عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ھٿراڌو  مهانگائي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي نه ٿيڻ تي ڊي سي جيڪب آباد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڳڙھي خيرو شھدادڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي اڳواڻ حاجي ميھر علي ديناري، مير گل عمراڻي, محمد ايوب سيال، نور محمد جمالي، گل محمد بروھي ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي اٽي جي ھٿراڌو کوٽ ۽ مھانگائي پيدا ڪري عوام لاءِ ھڪ ويلو ماني کائڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، ڊي سي جيڪب آباد ڳڙھي خيرو جي ٻوڏ متاثرن کي وساري ڇڏيو آهي، ڳڙھي خيرو جي مختلف شاخن کي ھٿ راڌو ڪٽ ڏنا ويا، ھن وقت به تعلقي ڳڙھي خيرو جي 9 يوسين ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي متاثرين کي راشن، ٻج ڀاڻ، ٽينٽ، گرم ڪپڙا ڏنا وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.