ميرپورخاص: جماعت اسلامي جو مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) جماعت اسلامي ميرپورخاص پاران ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌاندلين خلاف مدينا مسجد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن محمدرفيق چوهاڻ، عرفان قريشي، نورالاهي مغل، عاصم شيخ، عبدالرشيد ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي جي عوام جماعت اسلامي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو پر پيپلزپارٽي عوام جي فيصلي کي رد ڪري ڌاندلين ذريعي چونڊن جا نتيجا تبديل ڪرائي زوري پنهنجيون سيٽو وڌايون آهن ان باوجود جماعت اسلامي وڏي اڪثريت حاصل ڪئي آهي ۽ ڪراچي جو ايندڙ ميئر جماعت اسلامي جو ئي هوندو جيڪو ڪراچي جي تقيدير بدلائي عوام کي سندن بنيادي سهولتن جي فراهمي ڪري لٽ مار جو بازار بند ڪرائيندي هنن چيو ته ڪراچي مان دهشتگردن ۽ لُٽ مار ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جماعت اسلامي هن وقت ملڪ جي مقبول پارٽي آهي جنهن جي ايماندار قيادت تي پوري عوام يقين رکي ٿي هنن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي ميئر لاءِ جماعت اسلامي جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ڪراچي جي عوام ان خلاف سخت احتجاج ڪندي. هنن الزام هڻندي چيو ته اسان جي اُميدوارن کي سازشن تحت هارائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن ۽ انهن ثبوتن سان گڏ جماعت اسلامي عدالت کان رجوع ڪندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.