اسلام ڪوٽ مان گم ٿي ويل نينگر جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاج

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ جي فقير پاڙي مان ڏيڊ مهينو اڳ گُم ٿيل نينگر جو پتو پئجي نه سگهيو،چاچي مٺي پريس ڪلب پهچي ڀائيٽي جي ڳولا ۾ مدد لاءِ احتجاج ڪيو،اُنهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ واسي منور فقير پريس ڪلب مٺي پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته منهنجو ڀائيٽيو ڏھه سالا جمن ولد عمر ذات فقير گذريل ڏيڍ مهيني کان اسلام ڪوٽ مان گم ٿي ويو آهي ۽ اسان اهڙي رپورٽ به اسلام ڪوٽ ٿاڻي جي ڏني آهي پر نينگر جو اڃان تائين ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي،هن سرڪاري ادارن ۽ سماجي تنظيمن کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته نينگر جي تلاش ۾ مون غريب جي مدد ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.