ڇاڇرو(رپورٽ: يعقوب بجير ) ڇاڇرو جي خانگي اسپتال لو اينڊ ٽرسٽ ۾ گذريل ڏينهن عملي جي مبينا غفلت سبب ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو ڊي ايڇ او ٿرپارڪر گريش ميشهوري نوٽيس ورتو . ڊي ايڇ او ٿرپارڪر پاران تعلقي اسپتال ڇاڇرو جي ايم ايس ڊاڪٽر ليکراج کي ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ٻن ڊاڪٽرن ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر غلام رضا سومرو ۽ ليڊي ڊاڪٽر نسرين تي مشتمل 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ٽن ڏينهن اندر معاملي جي شفاف جانچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.