صالح پٽ ۾ اٽي جو بحران، غريب پريشان، عورتن ۽ ٻارن جو اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو

صالح پٽ  (  رپورٽ :  نياز مهر )  صالح پٽ جي مختلف علائقن ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو عوام پاران احتجاجي مظاهرا  اي سي صالح پٽ ۽ مختيارڪار آفيس اڳيان سوين ماڻهن سستو اٽو نه ملڻ خلاف عورتن ننڍن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي سيد مجاهد شاهه، سهڻو شيخ، علي نواز منگسي، حضور بخش، نديم شاھ، مير محمد مگريو ۽  ٻين چيو ته توهان واعدو ڪيو هو ته 10 ڪلو اٽو 650 رپين ۾ ڏنو ويندو،  اي سي مختيارڪار ۽ ان جو عملو مل مالڪان واپاري دوڪاندار سان گڏجي سرڪاري اٽو  وڪرو ڪن ٿ اسان پري پري کان پنڌ ڪري اچون ٿا ته اٽو نٿو ملي واپس ڳوٺ ٿا وڃون ته معصوم ٻارڙا پڇن ٿا بابا اٽو مليو آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي ڪهڙو جواب ڏيو، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.