مڪلي جو پورهيت پراسرار نموني غائب، گهرڀاتي پريشان

مڪلي (رپورٽ: اياز جلالاڻي) پراسرار نموني گم ٿي ويل ناريجا ڳوٺ مڪلي جي رھواسي پورھيت غلام قادر ناريجو جي گھر واري شاھدا ناريجو پنھنجي 4 معصوم ٻارڙن مريم، ارم، اويس ۽ انس ناريجو سان گڏ مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته سندس گم ٿي ويل مڙس غلام قادر ناريجو مزدوري نه ملڻ ۽ زمين تي مبينا قبضي سبب سخت پريشان ھو ۽ 7 جنوري تي گهر پھچڻ تي ٻارڙن لاءِ ماني ڳڀو نه ڏسي ۽ سڪل چانور ٻارن جي اڳيان پيل ڏسي دل برداشته ٿي گهر مان نڪري ويو جنهن کانپوءِ هو گھر واپس ناھي موٽيو، ھن چيو ته سندس گم ٿي ويل مڙس چئن معصوم ٻارڙن جو والد ۽ ستن گهرڀاتين جو اڪيلو سهارو بڻيل آھي، جيڪو واپس نه پھچڻ سبب اسان سخت پريشان آھيون. مسمات شاھدا چيو ته سندس مڙس بجلي ٺاهڻ جي مزدوري ڪندو ھو، جيڪا ڪڏھن کيس ملندي هئي ته ڪڏھن بيروزگار ٿي پريشان رهندو هو. ھن الزام ھڻندي چيو ته سندن زمين تي ديھ سامُوئي ۾ ڏوهاري قسم جي ماڻھن جو قبضو آھي ان لاءِ به هُو پريشان رهندو هو ۽ ھو زمين ڇڏرائڻ لاءِ روينيو ۽ پوليس جا چڪر ڪاٽيندي مڪلي تي پنهنجي گهر کي به گروي رکي ڇڏيو، پر اسان جي بار بار دانھڻ باوجود ڪنهن به انصاف نه ڪيو ۽ نه ئي اسانجي زمين جو مسئلو حل ٿيو آھي، اسان ڪرائي جي جاءِ ۾ رهڻ ڪري اسانجي ٻچن جو پيٽ پالڻ به مشڪل ٿي ويو آھي. ھن وس وارن کي پنھنجي پراسرار نموني گم ٿي ويل مڙس جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي سندس معصوم ٻارڙن پڻ پيءُ جي ڳولا ۾ وس وارن کي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته سندن والد جي غائب ٿيڻ ۽ پھچ نه هجڻ سبب ھو تعليم حاصل ڪرڻ کان به قاصر بڻجي ويا آھن، جنھن ڪري سندن والد جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، جيئن ان جي اچڻ سان سندن مشڪلاتون ختم ٿي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.