مڪاني چونڊن جي شور ۾ دٻجي ويل عوام جا مسئلا

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئين مرحلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچيءَ شهر جي 235 يونين ڪميٽين تان پ پ 93، جماعت اسلامي 86، پي ٽي آءِ 40، مسلم ليگ(ن) 7، جي يو آءِ 3، تحريڪ لبيڪ پاڪستان 2، مهاجر قومي موومينٽ هڪ ۽ 3 يونين ڪميٽين تان آزاد اميدوارن سيٽون حاصل ڪيون.

اهڙي ريت حيدرآباد ڊويزن جي مجموعي طور 3101 سيٽن تان پ پ 1034، پي ٽي آءِ 126، جماعت اسلامي 111، جي ڊي اي 15، جي يو آءِ 11، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي 8 ۽ آزاد اميدوارن 92 سيٽون حاصل ڪيون. ڪراچيءَ جي 11 ۽ حيدرآباد جي 6 يوسين تي اميدوارن جي لاڏاڻو ڪري وڃڻ سبب 15 جنوري تي چونڊون نه ٿي سگهيون. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي 30 کان وڌيڪ يوسين تان اڳ ئي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن.

هن ڀيري سنڌ ۾ مڪاني چونڊون تڪراري رهيون آهن. ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن جو معاملو اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيو آهي. هر سياسي پارٽي الزام هڻي رهي آهي ته سندن مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي وانگر اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نتيجن موجب پ پ ملهه ماري وئي آهي پر ان تي ڪجهه پارٽين کي اعتراض آهن، جيڪي گذريل ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا جي زينت بڻجي رهيا آهن.

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته چونڊ نتيجن کي تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. کين فارم 11 ۽ 12 نه پيو ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾احتجاج به ڪيو آهي. مڪاني چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي ايندڙ پ پ جي اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ آهي ته چونڊ نتيجن تي جماعت اسلامي کي خدشا آهن ته اها لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري ۽ جيڪڏهن ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ۾ اتحاد ڪرڻو پيو ته جماعت اسلامي کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي ڳالهه رڳو سعيد غني نه پر ناصر شاهه به ڪئي آهي ته جيڪڏهن اتحاد ڪرڻو پيو ته جماعت اسلامي کي ترجيح ڏني ويندي پر جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پهرين جماعت اسلامي کي نمبر ون پارٽي تسليم ڪيو وڃي پوءِ ڳالهيون ٿينديون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هن ۽ ناصر شاهه جماعت اسلامي جي امير کي فون ڪري چيو آهي ته ٽائون تائين جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، ڪراچيءَ جو جيڪو به ميئر بڻجي اهو پٽڪو نه ڪري. اليڪشن ڪميشن به چونڊن جي پهرين ڏينهن کان وٺي چئي رهي آهي ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي نه ٿي آهي. اهي صاف ۽ شفاف ٿيون آهن پر سياسي پارٽين ان کي به ڌر بڻائي ڇڏيو آهي.

مڪاني چوندن جي ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد ته ڪليئر آهي پر جنگ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ميئر تي هلي رهي آهي جنهنڪري سياسي  ۽ انتظامي نظام ڊانون ڊول آهي. نه رڳو سرڪاري ملازمن جون بدليون ۽ مقرريون رُڪيل آهن پر ٻيا ڪاروهنوار به ٺپ آهن.

هن وقت سياسي پارٽيون ميئر جي ڊوڙ ۾ آهن. ڪنهن جو به عوامي مسئلي ڏانهن توجهه نه آهي. سنڌ ۾ ساڳيو ئي اتي جو بحران آهي، غريب ماڻهو اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهي. اهڙي ريت ٻين کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه وڌي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٿڌ ۾ واڌ اچڻ ڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا آهن. ماڻهو بک بدحالي، غربت، بيروزگاري جي ڪري پنهنجين زندگين جا ڏيئا اجهائي رهيا آهن پر ان جو ڪنهن کي به فڪر ڪونهي. سڀني کي ڪرسي جي ڳڻتي آهي.

جيتوڻيڪ هر سياسي  پارٽي  عوامي مسئلن جي حل جي ڳالهه ڪندي نه ٿڪبي آهي پر عملي طور تي ڏسجي ته اها ان جي ابتڙ نظر ايندي آهي. مڪاني چونڊن ۾ سڀني کي ماڻهن جا ووٽ ته گهرجن پيا پر ڪنهن کي به غريب عوام جا مسئلا نظر نه پيا اچن. هڪ به مسئلو حل نه ٿيڻ ڪري غريب ماڻهو پريشان آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي کي گهرجي ته اهي گڏ ويهي چونڊ نتيجن تي ڳالهيون ڪري هڪٻئي جي صلاح مشوري سان ڪراچي جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪن ته جيئن غريب ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.