غوثپور ۾ڪارنھن تڪرار تان جهيڙو، ٽن ڀائرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) غوثپور جي ڪچي ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙي دوران ٽن سڳن ڀائرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب غوث پور جي ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قبول اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ ڪارنھن جو پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،ڌرين ھڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا 3 سڳا ڀائر 45 سالن جو محمد علي، 38 سالن جو اميد علي، 33 سالن جو سعد علي پٽ خدن اوڳاھي ۽ ٻي ڌر جو 28 سالن جو محمد بخش پٽ فاضل اوڳاھي مارجي ويا جڏهن ته شاھد اوڳاھي ۽ شبير اوڳاھي سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن اطلاع ملڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي. مارجي ويل چئني ڄڻن جا لاش علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت کڻائي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران گھرن تائين پھچايا ته ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.