چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس ۾ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلمان راجا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف آئيني ۽ قانوني معاملن تي ڳالهيون ڪيون.ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيف جسٽس سان سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر  ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جاري رهي ۽ ملاقات ۾ مختلف آئيني ۽ قانوني معاملن تي  ڳالهه ٻول ڪئي وئي.

طارق جميل جا اثاثا ۽ اڪائونٽ سيل ٿيڻ بابت خبر ڪوڙي قرار

اسلام آباد (م ڊ) مشهور مذهبي عالم مولانا طارق جميل جي پٽ صاحبزادا يوسف جميل جو چوڻ آهي ته والد جا اڪائونٽس سيل ٿيڻ ۽ اربين رپيا اڪائونٽس ۾ هئڻ بابت هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن.هن چيو ته 49 ارب رپيا وڏا پئسا آهن، ايترا پئسا سندس پيءُ ڪيئن لڪائي سگهندو.گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي طارق جميل بابت 49 ارب لڪائڻ جي الزام هيٺ سندس اڪائونٽس منجمد ٿيڻ جا افواهه سامهون آيا هئا، جنهن بعد سوشل ميڊيا صارفين طرفان مولانا طارق جميل کان آمدن ۽ اثاثا ظاهر  ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.