ميئر اسان جو، جماعت اسلامي سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني جماعت اسلامي کي مڪاني چونڊن جا نتيجا قبول ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ  لاءِ تيار آهيون، اڪثريت اسان جي آهي ان ڪري ميئرشپ لاءِ حق اسان جو آهي، انشاءَ الله ميئر پ پ جو ئي ايندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه پارٽي اڳواڻن جاويد ناگوري، نجمي عالم، سلمان مراد ۽ ٻين سان گڏ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، سعيد غني وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي وٽ ڪراچي ۾ هڪ به ايم پي اي ناهي، ان ڪري مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي تي نه پر جماعت اسلامي جي نتيجن تي حيرت هجڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ توڙي مخالف پارٽين ڪجهه يونين ڪائونسلن ۾ ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته پ پ کي 95 کان 96 سيٽون ملن، ڪراچي جي مفاد لاءِ پ پ جماعت اسلامي سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ان قابل نه آهي جو ان سان ميئر جي چونڊ لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن. ان پارٽي جو سربراهه چرئين جي لسٽ ۾ شامل آهي پ پ تي ڳوٺاڻي تنظيم هجڻ جو الزام هڻندڙن کي خبرناهي ته پ پ وفاقي پارٽي آهي ۽ ان ۾ هر رنگ ۽ نسل جو ماڻهو موجود آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.