جماعت اسلامي جا ڌانڌلي خلاف مظاهرا، پ پ مينڊيٽ قبول ڪري: سراج الحق

ڪراچي/حيدرآباد/سکر/لاهور(نمائندا+پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق جي اپيل تي ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ردوبدل خلاف جماعت اسلامي طرفان ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا وياڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص،ٺٽو،ٽنڊومحمدخان،بدين، ٽنڊوآدم، اوٻاوڙو، ميهڙ، دادو، نواب شاهه، سنجهورو، جهڏو، ڪنڌڪوٽ، هالا،مدئجي، ڪشمور ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي حافظ نصرالله چنا چيو ته 15 سالن کان سنڌ تي راڄ ڪندڙ پ پ سنڌ کي ڀينگ، ڪڻڪ ۽ متاثرين جي امداد کائڻ بعد ڪراچي ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن کي هرگز برداشت ڪونه ڪنداسين، لاڙڪاڻي ۾ ڪاشف سعيد شيخ، قاري ابو زبير جکرو ۽ مقامي امير رميز راجه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي چوري ڪري سنڌ حڪومت عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪراچي جهڙي شهر ۾ ميڊيا جي دور ۽ جماعت اسلامي جهڙي منظم تنظيم باوجود بدترين ڌاندلي ٿي آهي ته پوءِ اندازو لڳايو ته سنڌ جي باقي شهرن جي چونڊن ۾ هي جاگيردارن جو ٽولوڪهڙو حشر نشر ڪندا هوندا، ڪنڌڪوٽ ۾ مظاهري کي عبدالحفيظ بجاراڻي، غلام مصطفي ميراڻي،مٺي ۾ مير محمد بُليدي، سکر ۾مولانا حزب الله جکرو، سلطان لاشاري، زبير حفيظ شيخ، ٽنڊوآدم ۾ عبدالستار انصاري، مشتاق احمد عادل، ٺٽي ۾ عبدالله آدم گندرو، ميرپور خاص ۾ محمد رفيق چوهاڻ، مدئجي ۾ مولانا عبدالرحمان مڱريو، ميهڙ ۾ الياس ڪلهوڙو، امتياز چانڊيو، اوٻاوڙو ۾ مولانا مُفتي يوسف مزاري خطاب ڪيو. جڏهن ته جهڏو، مٽياري، ٽنڊومحمد خان ۽ ڪشمور سميت ٻين شهرن ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا، هوڏانهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو. ڪراچي جي چونڊن ۾ ڪجهه سيٽن تي ڌانڌلي جا مڪمل ثبوت موجود آهن جماعت اسلامي جو رستو روڪڻ جي سازش ڪئي وئي پيپلز پارٽي عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو،هن چيو ته آزاد اميدوارن سان ڳالهين جا سمورا آپشن کليل آهن جماعت اسلامي ڳالهين تي يقين رکي ٿي اميد آهي ته پيپلز پارٽي جماعت اسلامي جو مينڊيٽ قبول ڪندي. جيڪڏهن آر اوز اسان جو مينڊيٽ واپس نه ڪيو ته سڄي پاڪستان کي جام ڪري سگهون ٿا، هوڏانهن اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، فيصل آباد، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.