ميئر ڪراچي لاءِ جماعت اسلامي ۽ ٻين سان مشاورت ڪنداسين: وڏو وزير

ڀان سيدآباد/سيوهڻ ( رپورٽ: آدم مينگل + خالد ميمڻ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جون ڳالهيون پيو ڪري، اسان ته اڳ ئي چئون پيا ته اسيمبلي ۾ اچي پر هو رات جو هڪ ڳالهه ۽ صبح جو ٻي ڳالهه ڪري ٿو، وزيراعظم اعتماد جو ووٽ نه وٺندو ڇاڪاڻ ته سموريون اتحادي جماعتون وفاقي سرڪار سان گڏ آهن، عمران کي ڪراچي ۾ بري طرح سان شڪست نصيب ٿي ان لاءِ هو ڀڄي رهيو آهي، ڪراچي جو ميئر پاڪستان پيپلز پارٽي جو حق ٿئي ٿو ، پ پ اڪثريت ۾ آهي ، اهڙو اظهار هن واهڙ ۾ پنهنجي والد اڳوڻي وزيراعلي سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ميئر ڪراچي پ پ جو حق ٿئي ٿو، اسان ٻئي نمبر تي آيل جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪريون پيا، خواهش آهي ته ساڻن گڏ ملي ميئر چونڊيون، پنجاب جي اسيمبلي ٽوڙي عمران پريشان آهي، وڏي وزير ڪراچي اندر اٽو 160 روپيا ڪلو ملڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ اندر اٽي چڪين کي ڪڻڪ جي فراهمي ڪئي آهي، اٽي جا ريٽ هاڻي گهٽ ٿيندا ان موقعي تي پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، محمد صديق ميمڻ، سيد حسنين شاهه، امان الله شاهاڻي، سردار حاڪم خان نوحاڻي سميت ٻيا پڻ موجود هيا،هوڏانهن وڏي وزير چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ خطرن باجود اليڪشن پرامن طريقي سان ٿي وئي سنڌ جي عوام اسان تي اعتماد ڪري مڪاني چونڊن ۾ تاريخي فتح ڏياري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.