آءِ ايم ايف جي دير ۽ سياسي غير يقيني، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي

ڪراچي( رپورٽر) آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو، آءِ ايم ايف قسط ۾ غير يقيني واري صورتحال سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 32 پئسا مهانگو ٿيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو قدر 228 رپيا 66 پئسا آهي. گذريل ڏينهن ڪاروبار جي بندش تي اگهه 228 رپيا 34 پئسا هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 238 رپين 75 پئسن تي برقرار آهي. ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن شيئرز ۾ گهٽتائي آئي ۽ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي. معاشي تجزئي نگارن چيو ته آءِ ايم ايف جائزي ۾ دير ۽ سياسي غير يقيني سبب مارڪيٽ ڪريش ٿي آهي. انڊيڪس 1378 پوائنٽون گهٽ ٿي 38 هزار 342 پوائنٽن تي بند ٿيو. بازار ۾ 20 ڪروڙ شيئر شيئرز جو ڪم تقريبن پوڻا 7 ارب رپيا هئا، مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن 199 ارب رپيا گهٽجي 6134 ارب رپيا ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.