لالا لطيف آفريدي جو قتل وڏو سانحو آهي: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي ( پ ر ) جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي فار هيومن رائٽس جي اي سي ڪراچي جي ميمبرن انساني حقن جي نامور ڪارڪن لالا لطيف آفريدي جي وحشياڻي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ايڇ آر سي پي، عورت فائونڊيشن، پائلر، پي ايف ايف، ڊبليو اي ايف، ڊبليو اي آر او، اين ٽي يو ايف، ناوڪ، ايس ايڇ آر ڊي ۽ ٻين تنظيمن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته شهيد لطيف آفريدي جمهوريت ۽ انساني حقن جو آواز هو ۽ هميشه آمريت کي چئلينج ڪندو رهيو. سندس وحشياڻو قتل سول سوسائٽي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هو 2020ع ۾ سپريم ڪورٽ بار جو صدر رهيو، ، پنج ڀيرا پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو. پاڻ 1997ع کان 1999ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو .1986ع کان 1989ع تائين اي اين پي جو پهريون صوبائي صدر ۽ 2005ع کان 2007ع تائين اي اين پي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو .اڳواڻن چيو ته قتل کان اڳ، لالا لطيف طالبان جي حمايتين ۽ سهولتڪارن کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن انهن خطي ۾ جنگ ۽ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ پوري دل سان ڪم نه ڪيو ته پاڪستان کي افراتفري ۾ وجهڻ جا ذميوار اهي هوندا. حڪومت کي گهرجي ته امن امان جي صورتحال جو نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.