شهيد لطيف آفريدي مٽيءَ ماءُ حوالي

پشاور (م ڊ) سينئر قانوندان عبداللطيف آفريدي جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿيل ملزم عدنان آفريدي کي جڊيشل مجسٽريٽ بدر  منير جي آڏو پيش ڪيو ويو، جوڊيشل مجسٽريٽ ملزم کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٿاڻه شرقي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي بار روم ۾ سينئر قانوندان عبداللطيف آفريدي کي ملزم عدنان آفريدي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو،هوڏانهن شهيد عبداللطيف آفريدي جي جنازي نماز پشاور جي ناران باغ ۾ ادا ڪئي وئي، قانوندان عبداللطيف آفريدي جي جنازي نماز ۾ اعليٰ سياسي، سماجي شخصيتن، ججن، وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، بعد ۾ عبداللطيف آفريدي لاءِ بخشش جي دعا گهري ڪئي، جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان مرحوم جي پشيواراڻين خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.