لطيف آفريدي جي قتل خلاف سنڌ ۾عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) ناليواري قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي پشاور ۾ قتل خلاف سنڌ ۾ به وڪيلن جي تنظيمن ۽ بار ايسوسيئيشنز جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سليم مڱريو ۽ جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران لطيف آفريدي جي قتل تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو ويو.چيف جسٽس احمد علي شيخ، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس جنيد غفار سميت سمورن ججن بورڊ ڊسچارج ڪري ڇڏيا ۽ ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون. جڏهن سٽي ڪورٽ ۾ قيدين کي نه آندو ويو.وڪيلن جنرل بادي جو اجلاس ڪوٺائي مذمتي ٺهراءِ پاس ڪيو.هوڏانهن سنڌ بار ڪائونسل، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار ۽ ملير بار جي سڏ تي عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو.عدالت جا سمورا معاملا معطل ڪري بورڊ ڊسچارج ڪيو ويو.عدالتي بائيڪاٽ سبب عدالتن ۾ ڪنھن به ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگھي.ٻئي طرف حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.