لطيف آفريدي جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سينيئر وڪيل لطيف آفريدي جي قتل کي وڏو نقصان قرار ڏئي ڇڏيو/. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته لطيف آفريدي جي شخصيت تمام وڏي هئي. چيف جسٽس وڪيل افتخار گيلاني کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا لطيف آفريدي جو واسطو ڪوهاٽ سان هو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته لطيف آفريدي جو واسطو فرنٽيئر ريجن سان هو، کيس بار روم ۾ قتل ڪيو ويو، مون کي ان واقعي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته لطيف آفريدي جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.