ٻيهر ڳڻپ ۾ جماعت اسلامي جون ٻه سيٽون وڌي ويون

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا مڪمل نتيجا اچڻ بعد ڪجهه هنڌن تي ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون ڏنيون ويون آهن، جنهن تحت جماعت اسلامي جون ٻه سيٽون وڌي ويون آهن. جماعت اسلامي جي ترجمان موجب ضلعي اولهه جي اورنگي ٽائون يوسي 6 ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ حاشر کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، ان کان اڳ آر او تحريڪ انصاف جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو هو. اهڙي طرح صفورا جي يوسي عباس ٽائون ۾  جماعت اسلامي جو اڳواڻ حبيب الرحمان ڪامياب قرار ڏنو ويو، ان کان اڳ پ پ اميدوار ڪامياب ٿيو.  ترجمان موجب جماعت اسلامي جون هاڻ 88 سيٽون ٿي ويون آهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.