سن ۾ پرامن ڪارڪنن تي فائرنگ ڪري فاشزم ڏيکاري وئي: نواز زئور

مانجهند ( ويب ڊيسڪ )  سن ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سيد جي مزار تي حاضري، ڀيٽا پيش، ڪيڪ ڪٽيا ويا.

جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران جديد سنڌي قومپرستي جي باني، عظیم رهبر ۽ مفڪر سائين جي ايم سيد جي 119هين سالگرھ جي موقعي تي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور، رحيم شر، سنڌي قومي ناري تحريڪ جي صدر شازيا جويو، عروج سنڌو ۽ روماسا نواز زئور، سنڌ قومي اسٽوڊنٽس فرنٽ جي اڳواڻ سراج رسول ۽ انور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ان موقعي تي قومي ترانو پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ سان گڏ سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سيد جي مزار جي احاطي ۾ ميڊيا ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جو اھو امر ڪردار آھي، جنھن پنھنجي فڪر ۽ جدوجھد وسيلي سنڌ تي زندگيءَ جا دروازا ايئن کوليا آھن، جيئن گرڀ وتيءَ ماءُ پنھنجي وجود مان ٻار ۾ ساھ ڦوڪيندي آھي.

هن چيوته سائين جي ايم سيد هڪ وڏو فڪري ڪارنامو هيءَ آهي ته هن ذاتين، برادرين، قبيلن، مذهبن ۽ فرقن ۾ ورهايل سنڌين کي هڪ جديد سنڌي قوم جي شڪل ڏني آهي. سيد کان اڳ سنڌي ڇڙوڇڙ انداز ۾ سوچيندا هئا، هاڻ ڪيٽي بندر کان ڪشمور، ڪارونجھر کان کيرٿر ۽ ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين اهي هڪ قوم طور سوچين ٿا، 10 فيبروري تي ڌارين جي آبادڪاري، نون صوبن واري بل ۽ آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ خلاف سجاول ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

نواز خان زئور پولیس ۽ رينجرز پاران سن تي چڙهائي ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سن جا اجتماع تمام پرامن پرسڪون ھوندا آھن هٿين خالي ڪارڪنن تي فائرنگ ڪرڻ فاشزم جو بدترين مثال آهي. هن چيو ته فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن کي معطل ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.