پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 35 قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن تي پي ڊي ايم چونڊ نه وڙهندي. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم انهن 35 سيٽن تي چونڊ ۾ حصو نه وٺندي، جن تان استعيفيٰ جي اسپيڪر منظوري ڏني آهي، ان جو ڪارڻ پوءِ ٻڌائينداسين. ٻئي طرف خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ٻن ٽن مهينن لاءِ چونڊ ڇو وڙهون، اسان کي ننڍين چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي. 03