پي ٽي آءِ جي 34 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور، ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر حوالي

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي 34 ميمبرن ۽ شيخ رشيد جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون.راجا پرويز اشرف تصديق ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي 34 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن.جن قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن، انهن ۾ مراد سعيد، عمر ايوب، اسد قيصر، پرويز خٽڪ، عمران خٽڪ، شهريار آفريدي، علي امين خان، نور الحق قادري، راجا خرم شهزاد نواز، علي نواز اعواڻ، اسد عمر، صداقت علي خان، غلام سرور خان، شيخ راشد شفيق، عوامي مسلم ليگ جو شيخ رشيد احمد شامل آهن.منصور حيات خان، فواد احمد، ثناءُ الله خان مستي خيل، حماد اظهر، شفقت محمود، عامر ڊوگر، شاهه محمود قريشي، زرتاج گل، فهيم خان، سيف الرحمان، عالمگير خان، علي زيدي، آفتاب صديقي، عطاالله، آفتاب جهانگير، نجيب هارون، قاسم سوري، عاليا حمزا، ڪنول شوزف جون استعيفائون به منظور ڪيون ويون آهن.اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 35 قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 70 ٿي ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڳ ئي اسيمبلي ميمبر ناهي رهيو، کيس توشا خانه ڪيس ۾ نااهل ڪيو ويو آهي،هوڏانهن وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان شطرنج جي چال کيڏي آهي، ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي، 35 استعيفائون منظور ڪيون آهن ته باقي 70 ايم اين ايز جون استعيفائون به منظور ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته عمران ڀلي روڊن تي نڪري، اسان ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين،اهي ٽي عهدا گهري رهيا هئا ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي نوازشريف لنڊن گهرائي ورتو، هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته مريم نواز ايندڙ هفتي پاڪستان واپس اچي رهي آهي، اسپيڪر انهن جون استعيفائون منظور ڪيون جيڪي ڀڀڪيون هڻي رهيا هئا، هن چيو ته هيل تائين جن جون استعيفائون منظور نه ڪيون اهي اسپيڪر کي چئي ڇڏين، انهن کي ايوان ۾ ويلڪم ڪنداسين، هن چيو ته پي ڊي ايم کي انهن 35 تڪن تي ننڍي چونڊ نه وڙهڻ گهرجي، ٻن ٽن مهينن لاءِ ڪير اليڪشن وڙهندو؟ هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو ته اسپيڪر پاران 35 استعيفائون قبول ڪرڻ جو قد بدنيتي تي ٻڌل آهي، راجا پرويز اشرف کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ ڪٺ پتلي اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي هٽائڻ واري آهي،

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان گورنر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس موڪلي ڇڏي.محمود خان ان حوالي سان چيو آهي ته مان ملڪي مفاد ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، عام چونڊن ۾ اڪثريت سان حڪومت قائم ڪنداسين.هن چيو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ صحيحون نه ڪيون ويون ته اسيمبلي پاڻ ئي ٽٽي ويندي، هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فوادچوڌري چيو ته ڪي پي اسيمبلي ٽٽڻ سان ملڪ ۾ عام چونڊن جي راهه هموار ٿيندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.