سن تي پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي، فائرنگ ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ۽ گرفتار

ڄام شورو( نمائندن وٽان)  جديد قوم پرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪڙڪي پئي، امرڪوٽ واسي ڪارڪن سميت ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ٿي ويا.

ايس يو پي اڄ سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي.  رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگرھ جي موقعي تي سڄي سنڌ مان هزارين ڪارڪن پهتا, جن کي روڪڻ لاءِ ڄامشورو پوليس ۽ رينجرز طرفان سائين جي ايم سيد جي مزار ڀرسان ڪارروايون ڪيون ويون.

 ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي وڏا اٽالا ساڻ ڪري سائين جي ايم سيد جي مزار جي پيراندي ڪجهھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کانئن سنڌ جو ڪهاڙي وارو جهنڊو ڦري ان مان لٺ ڪڍي باقي ڪپڙو اڳيان ور ۾ هڻي ڪافي وقت تائين ان جي بي حرمتي ڪندو رهيو جنهن تان نوجوان ڪارڪنن سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

جنهن تي پوليس ۽ رينجرز انهن نوجوان ڪارڪنن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ ڪارڪن مٿان هوائي فائرنگ سان گڏ سڌي فائرنگ, لاٺي چارج ۽ پٿراءُ پڻ ڪيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ حنيف نهڙيو سخت زخمي ٿي پيو ۽ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.

ان ڇڪتاڻ دوران پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن جيئي سنڌ محاذ(رياض چانڊيو) ۽ جسقم آريسر جي هلندڙ جلسن تي پڻ چڙهائي ڪري ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتاريون ڪيون، جڏهن ته اڻ ڄاتل ماڻهن ٻن پوليس موبائيلن کي باھ ڏئي ڇڏيو, جنھن بعد پوليس رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سن شھر کي بند ڪرايو ويو ۽ سن جي ايندڙ ويندڙ رستن تي رڪاوٽون لڳائي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن کان سن لاکا ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايتون تي گهمي ڪارڪنن کي هراسان ڪري ماڻهون کي گرفتار ڪيو ويو اج پرامن طريقي سان جلسا ٿي رهيا هئا،دادو مورو،ڄامشورو حيدرآباد سميت ٻين علائقن کان ايندڙ قافلن جي چار کان پنج هنڌن تي چيڪنگ ڪئي وئي ۽ مختلف هنڌن تي ماڻهون تي تشدد ڪيو ويو.

ايس ايس پي ڄامشورو سڄي شهر ۾ لهي ايس يو پي جي جلسي ۾ اچي وڏا اٽالا سان ڪري هراسان ڪندو رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي وڃي ڪارڪنن کان جهنڊا ڦريا ايس ايس پي چونڊن ۾ ماڻهو گرفتار ڪري حڪومت کي پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ڊيوٽي پڪي ڪري رهيو آهي ۽ فائرنگ سبب اسان جو ڪارڪن حنيف نهڙيو زخمي ٿي پيو آهي ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ۽ آپريشن خلاف سڄي سنڌ ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري ٿي اسين ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ جو مطالبو ٿو ڪيون ۽ سموري واقعي تي ججن جي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ اڳرائي ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.