ڏاڍ سبب بنگلاديش ڌار ٿيو، سنڌ کي بي اختيار ڪري وسيلا وفاق حوالي ڪياويا آهن: زين شاهه

ڄامشورو/مانجهند ( ويب ڊيسڪ )  سن ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگره جو ڪيڪ سيد جلال محمود شاه سيد زين شاه ڊاڪٽر سيد ضياء شاه سيد بدرالزمان شاه جونيئر جي ايم سيد روشن ٻرڙو  ۽ ٻين گڏجي ڪاٽي تقريب جي شروعات ڪئي.

ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي چئرمين سيد جلال محمود شاه چيو ته بيماري سبب تقرير نٿو ڪري سگهان پر هتي ايندڙ سمورن ڪارڪنن کي ڀليڪار چوان ٿو جي ڊي اي اتحاد جو حصو بڻجي جدجهد ڪئي وڃي.

ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه خطاب ڪندي چيو ته جلسي جي ڀرسان سنڌودرياء وهي ٿو جتي رينجرس ۽ پوليس ويهاري وئي آھي سن لاکا مانجهند ۾ پوليس رينجرس ويهاري خوف ڦھلايو ويو پر امن ڪارڪن تي لٺبازي شيلنگ تشدد ڪندي سڌي فائرنگ ۾ ڪارڪن زخمي ڪيا ويا ويا آھن ڪارڪنن جي گرفتاري کنڀڻ زخمي ڪرڻ اي ٽي سي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف  سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو.

هن وڌيڪ چيو 2 ڏينهن اڳ بلدياتي اليڪشن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي جنهن ۾ ايماندار آفيسر 200 ووٽ بنا ٺپن وارا بيلٽ پيپر ڪڍيا روزمره ڏوهن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آھي ڪوڙي جمهوريت کي رد ڪيون ٿا.

زين شاهه چيو ته الهندي سرحد مان افغانين کي بنا پاسپورٽ جي ڇڏيو پيو وڃي جڏھن ته کوکرا پار تي سختي ڪئي وئي آھي. پختونن  کي افغاني  پيارا آھن ته سنڌين کي گجرات جو عوام  پيارو آھي تحرير ۽ تقرير جي اجازت ناهي معشيت تباه ٿيڻ سبب ڏيوالو نڪري چڪو آھي پرڏيهي پاليسي ڪٺ پتلي وزير حوالي آھي جنهن پاڙيسري ملڪن سان تعلقات خراب ڪري ڇڏيا آھن.

هن چيوته اسٽيبلشمينٽ ماضي جي 75 سالن کان ناهي سکي ملڪ ۾ 2 نمبر اليڪشن ذريعي ٻه نمبر قيادت آندي وڃي ٿي تڏھن ئي ته ڏيوالو نڪتل آھي سامونڊي بيلٽ جي 270 ڪلوميٽر تائين وفاق حوالي ڪئي وئي آھي سنڌ کي بي اختيار ڪري ٽئڪس وسيلا زمينون وفاق حوالي ڪيون ويون .

جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته سياست ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا پر وفاق پرست هجون يا قومپرست هجون وطن جي محبت جي نقطي تي سڀ هڪ آھيون هر سنڌي سنڌ سان بي پناه محبت ڪري ٿو سنڌ ھڪ خطو نه پر جتان جتان سنڌو درياء گذري ٿو اها سنڌ آھي موجوده پاڪستان به سنڌ آھي.

هن وڌيڪ چيو ته زرداري جو بينظير سان ڪوبه تعلق ناهي سنڌ جا حق گهرڻ لاء سڀ متحد ٿي ٿينداسين سائين جي ايم سيد پرامن سياست ڪئي جي ڊي اي تمام وڏو اتحاد آھي جنهن سان ايس يو پي اتحاد ڪري وڏي سگه بخشي .

عوامي جهموري پارٽي جي سيد لعل شاه چيو ته ورهايو ۽ حڪومت ڪيو جو رول پراڻو آھي قوم کي جاڳائڻ جو سبق سيد ڏنو. ورهاڱي کان پوء ھندن کي لڏائي رولن کي گهرائي ترسايو ويو جيڪي اڳتي هلي دهشتگرد تنظيمون ٺاهي ويٺا آھن ون يونٽ خلاف سيد ۽ پليجي جدجهد ڪئي.

نيشنل پارٽي جي ايوب قريشي چيو ته سيد ملڪ جي آزادي لاء جدجهد ڪئي قرارداد پاڪستان ڏنو جنهن ۾َ قومن جي حقن ۽ مالڪي جي ڳاله هئي. جبر ۽ ڏاڍ سبب بنگلاديش الڳ ٿيو حڪمرانن کي ماضي مان سبق وٺڻ گهرجي مظلوم قومن کي گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي .

قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظھر راهوجو چيو ته جي ايم سيد،  پليجو ۽ ڀٽو ازم جا نظريا آھن، جي ايم سيد ۽ پليجو استحصالي قوتن، وسيلا ڦرلٽ ڪندڙن ڌارين جي آبادي جا قانون ٺاهڻ کي چئلينج ڪيو ملڪ جي قرارداد جي ايم سيد آندي ڀٽو واري فڪر ۾ وسيلن جي ڦرلٽ ۽ اقتدار آھي.

ايس يو پي سينئر وائيس چئرمين روشن علي ٻرڙو چيو ته سيد جي سالگره قومي تاريخي ڏينهن آھي سيد جا لکين عاشق عهد وفا جو ڏينهن طور ملهائين ٿا سالگره روڪڻ لاء سيد جي حياتي کان اڄ تائين برگيڊون موڪليون وڃن ٿيون.

ايس يو پي نائب صدر امير آزاد پنهور چيو ته سيد جي سالگره جو ڏينهن جشن جو ڏينهن به آھي ته احتساب ۽ اتساه جو به ڏينهن آھي سيد جي تصور سان سنڌ ۽ سنڌ جي تصور سان سيد ياد اچي ٿو سيد جي سچ جي مچ کي 144 قلم ڪڏھن به روڪي نٿو سگهي حڪمرانن سنڌ کي ٻوڙي ٻاهرين امداد وٺي هڙپ ڪري رهيا آھن.

پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ سيد مسرور شاه چيو ته پروميٿس هڪ وقت جو خدا هو جنهن باه ايجاد ڪري دنيا کي روشني ڏني جنهن تي وقت جي وڏن خدائن سخت تڪليفون ڏنيون سائين جي ايم سيد به زميندار خاندان سان تعلق رکندو هو جنهن وقت جي حڪمرانن خلاف عوام کي روشني ڏني جنهن سبب کيس جيل ۾ وڌو ويو .

چوڌري عارف نياز آرائين چيو ته آيت آھي ته توهان جون تڪليفون اعمالن سبب آھن اسان کي به پنهنجون ڪوتاهيون ڳولڻ گهرجن ماضي کان سنڌ تي اندروني ڪوتاهين لوڀ لالچ  سبب ڪاهون ٿيون قومپرستن مان حڪمرانن کي ڪهڙو خطرو آھي جو وڏي پئماني تي رڪاوٽون ٿين ٿيون پ پ ماڻھن کي پنائي هٿ ٽنگائي تذليل پئي ڪرائي، سيد زين شاه ٻوڏ دوران ماڻھن جو ڀرجهلو ٿيو  عوام کي جي ايم سيد جي ڪتابن کي پڙھڻ گهرجي.

ايس يو پي ليڊيز ونگ جي صدر شيبا مغل چيو ته ايشيا جي عظيم انسان قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سندس شاندار جدجهد تي سموريون رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچون ٿا سيد سنڌ کي هڪ شاندار مهذب قوم هئڻ جو سبق ڏنو.

جلسي ۾ جي ايم سيد ميموريل ڪميٽي طرفان 2022 جو جي ايم سيد ايوارڊ سهيل ميمڻ جي نانءُ ڪيو ويو جڏھن ته ڪاڪا علڻ ٿيٻو جي زندگي تي ڪتاب جو مهورت پڻ ڪيو ويو.

ٺهراءَ پاس ڪيا ويا ته  سنڌ مان اٽي جو بحران ختم ڪري اٽي جي قيمت في ڪلو 60 روپيا مقرر ڪئي وڃي .  قومي اسيمبلي جي اسپيڪرن طرفان جوڙيل نون صوبن متعلق نوٽيفڪيشن کي ختم ڪيو وڃي.

سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل قرارداد تحت آئين جي آرٽيڪل 144 ۽ 147 کي رد ڪندي صوبن جا معدني وسيلا وفاق حوالي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،  ڄامشورو ۽ گڊو ٿرمل پاور اسٽينشنن کي بند ڪري مقامي پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي.

ملڪ اندر ڊجيٽل آدمشاري جو رينگٽ بند ڪري آئين تحت طئي ڪيل وقت مطابق آدمشاري ڪئي وڃي.  سنڌ حڪومت طرفان پيدا ڪيل هٿرادو ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل لکين دربدر ٿيل ماڻهن جي بحالي جو مطالبو ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.