2 ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب دربدر آھن، وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويا آهن: رياض چانڊيو

مانجهند ( ويب ڊيسڪ )  سن ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگره جو جلسو سيد جي مزار جي پيرانديءَ کان منعقد ڪيو ويو.

جلسي کان اڳ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ۽ ڪارڪنن سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.

جلسي کي خطاب ڪندي جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته  سائين جي ايم سيد جدوجهد ۽ سندس فڪر سنڌ جو محافظ ۽ سنڌين جي دائمي سلامتي جو ضامن آھي، ملڪ ٺهڻ شرط رجعت پرستي ۽ موقعي پرستن کي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو اتحادي بڻائيندي قوم جي وجود جمهوريت ۽ انسان دوستي واري فڪر جو انڪار ڪيو.

هن چيو ته سرڪار جيئي سنڌ جي سينئر وائس چيئرمين عزيز اللّه ڀٽو کي ٻن ڏينهن کان باندي بڻائي رکيو آھي، ۽ سوين قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙھايون ڪري چادر چوديواري جو تقدس پعمال ڪيو ويو آھي،جنهن جي مذمت ڪجي ٿي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين جي پيش نظر هڪڙي ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي سنڌ 2010 ۽ 2012 کان ويندي 2022 تائين ان تبديلي جي ڪري وڌيڪ تباھ ۽ برباد ٿي آهي . وڏن شهرن ۾ رڳو حيدرآباد ۽ ڪراچي هائوسنگ اسڪيمون بنا ماحول دوست جي اسٽڊي ڪرائڻ جي تعمير ٿي رهيون آھن.

هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب دربدر آھن نه سندن ٻيهر بحالي ٿي سگهي آھي نه وري کين گهر تعمير ڪري ڏنا ويا آھن، هنن حالتن ۾ به سنڌ حڪومت کان 9 ڊسمبر تي اها قرارداد پاس ڪرائي وئي آھي ته سنڌ پنهنجا مالي ۽ پيداواري ذريعا وفاق حوالي ڪري رهيا آھن، وڌيڪ صوبا ٺاهڻ لاء پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آھي، مٿان ڊجيٽل آدمشاري جي نالي ۾ سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ لاء رٿابندي شروع.ڪئي وئي آھي.

هن وڌيڪ چيو ته توهين مذھب جو شڪار ٿيل مٺيء جو معصوم نوجوان لو اجي ڪمار آھي. سنڌ کي مذھبي جنونيت واري پاسي وٺيو پيو وڃي، غلام نبي کٽي، غفار ميرجت، اياز سولنگي پنهل جمالي جساف مرڪزي آرگنائيزر عرس ڪيهر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.