سن ۾ پرامن سياسي پروگرام تي فائرنگ، تشدد مذمت جوڳو آهي: اي جي پي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره تي پر امن سياسي پروگرام تي فائرنگ ۽ تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،سنڌ امن پسند آهي ۽ سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سڀني ظلم ڪندڙ قوتن ۽ پ پ سرڪار جي لاءِ دائمي نفرت ضرور پيدا ٿيندي.

اهڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، غلام قمبر حاجاڻو، ادي نظير قريشي، نازيا ڀٽي، وجدان سيال جن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.

هنن چيو ته جتي فورسز جا ادارا محافظ بڻجن اتي پرامن جلسن مٿان محافظن طرفان حملو کليل دھشتگردي آھي،هنن چيو ته پ پ جي نام نهاد جمهوريت جي پت وائکي ٿي وئي آهي، سنڌ اندر سندس مخالف سياسي هلچل کي روڪڻ لاءِ ان قسم جا هربا ڪري خوف فهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته چيف جسٽس ۽ سي ايس سنڌ ان جو نوٽيس وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.