سن واقعن سان پ پ جي پت وائکي ٿي وئي: قادر مگسي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي ٿيندڙ فائرنگ، تشدد ۽ گرفتارين واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن واقعن سان پ پ پ جي ڪوڙي جمهوريت جي پت وائکي ٿي وئي آهي.

هن چيو ته پ پ نٿي چاهي ته سنڌ ۾ سندس مخالف ڪابه سياسي پارٽي ڪا سياسي سرگرمي ڪري ان ڪري اهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن، ملڪ جو قانون آئين پرامن سياسي جلسن جلوسن ۽ اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿو پر پ پ  سرڪار قانون جي ابتڙ پنهنجو راڄ قائم رکڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهي آهي ته جيئن سندس سياسي مخالف خوف کائي خاموش ٿي وڃن، جيڪا هن جي ڀُل آهي، اهڙن پرتشدد ڪارروائين سان عوام کي خاموش نٿو ڪري سگهي.

ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته فوري طور زخمين جو علاج ڪرايو وڃي ۽ گرفتار سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.