خوراڪ ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافي سبب انتهائي امير طبقي جي دولت ۾ به تيزي سان واڌ

ڊيووس (م ڊ) سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ نئين دولت جو ٽيون حصو رڳو هڪ سيڪڙو انتهائي امير ماڻهن جي هٿن ۾ وڃي رهيو آهي ۽ انهن جي دولت ۾ ڏهاڙي 2 ارب 70 ڪروڙ ڊالر (6 کرب 18 ارب 48 ڪروڙ 89 لک) رپين جو اضافو ٿي رهيو آهي، اها ڳالهه سڄي دنيا ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ خيراتي ادارن جي گروپ آڪسفيم پاران عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي جاري رپورٽ ۾ چئي وئي، رپورٽ موجب 2020ع کانپوءِ پيدا ٿيندڙ دولت جو ڪل ڪاٿو 420 کرب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جو 63 سيڪڙو يعني 260 کرب ڊالر دنيا جي انتهائي امير ماڻهن جيڪي عالمي آبادي جو رڳو هڪ سيڪڙو آهن جي هٿن ۾ هليو ويو، جڏهن ته باقي 160 کرب يعني 37 سيڪڙو دنيا جي 99 سيڪڙو آبادي ۾ وڃي رهيو آهي، هن وقت دنيا جي 10 سيڪڙو امير ترين ماڻهن کي ڇڏي دنيا جي 90 سيڪڙو آبادي ۾ شامل هر هڪ ماڻهو جي هڪ ڊالر جي ڪمائي جي مقابلي ۾ دنيا جي انتهائي امير هڪ سيڪڙو ماڻهن مان هر هڪ جي ڪمائي 17 لک ڊالر آهي، گذريل ٻن سالن دوران انهن ماڻهن جي دولت ۾ روزانو 2،7 ارب ڊالر جي شرح سان اضافو ٿيو، ان سان پهرين 10 سالن جي عرصي ۾ دنيا جي ارب پتي ماڻهن جي دولت وڌي ٻيڻي ٿي وئي، رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته گذريل سال دوران خوراڪ ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافي جي نتيجي ۾ ان انتهائي امير طبقي جي دولت ۾ به تيزي سان اضافو ٿيو، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي ڪاروبار سان ڳنڍيل ادارن جي منافعي ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو پر انهي دوران ناڻي واڌ جي بلند شرح جي مسئلي ۾ ورتل ملڪن ۾ شديد مالي مشڪلاتن ۾ ورتل ملازمن جو انگ هڪ ارب 70 ڪروڙ تائين پهچي ويو ۽ 82 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو جيڪي دنيا جي ڪل آبادي جو اٽڪل 10 سيڪڙو آهن، بک جو شڪار ٿي ويا، ان صورتحال ۾ جتي هڪ طرف عام ماڻهو کي خوراڪ جهڙي بنيادي ضرورتن جي لاءِ به روزاني جي بنياد تي قرباني ڏيڻي پوي ٿي، اتي امير ترين طبقي جُون وڏي کان وڏيون خواهشون به پوريون ٿي رهيون آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ ڏهاڪي جا پهريان ٻه سال انتهائي امير ماڻهن جي لاءِ بهترين رهيا جن ۾ انهن جي مجموعي دولت ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو، آڪسفيم انٽرنيشنل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر گيبريلا بچر چيو ته موجوده گهڻ رخي بحران جو حل انتهائي امير ماڻهن ۽ ڪارپوريشنز تي ٽيڪس هڻڻ آهي، هن چيو ته اسان کي هاڻي ان تصور کي ختم ڪرڻو پوندو ته انتهائي امير ماڻهن کي ٽيڪسن ۾ ڏنل ڇوٽ جو فائدو غريب ماڻهو کي به پهچي ٿو، ان تصور تي 40 سالن کان جاري عمل کانپوءِ اها حقيقت سامهون آئي آهي ته هڪ اڀرندڙ لهر سڀني جهازن کي مٿي ناهي کڻندي، ان سان رڳو وڏا جهاز ئي مٿي اٿندا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.