ضم ٿيڻ تي عمران پارٽي صدر بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان کيس پارٽي صدر بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان پارٽي صدر بڻجڻ جي دعوت ڏني آهي پر اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته ق ليگ جا سمورا 10 پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا عهديدار پنهنجي تڪن ۾ وڃي مشاورت ڪري جواب ڏيندا، اسان کي نوٽيس ڏيندڙن کي اڳ ئي تڪليف ٿي وئي آهي پر کين موقعو نه ملندو. 03

ن ليگ نگران وڏي وزير لاءِ احد چيما ۽ محسن نقوي جا نالا ڏئي ڇڏيا

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ ٻه نالا گورنر ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز طرفان نگران وڏي وزير لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار احد چيما ۽ محسن نقوي جا نالا گورنر ڏانهن موڪليا ويا آهن. ن ليگ طرفان گورنر پنجاب بليغ الرحمان ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي قيادت اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي طرفان اُماڻيل نالن مان مطمئن نه آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حمزا شهباز نگران وڏي وزير واري معاملي تي وڌيڪ صلاح مشوري لاءِ ملڪ احمد خان کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ طرفان ڏنل ٽن نالن مان هڪ ناصر کوسا نگران وڏو وزير بڻجڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي.. 03

گوشوارا جمع ڪرائڻ تي سينيٽ جي 4 ۽ قومي اسيمبلي جي 21 ميمبرن جي رڪنيت بحال

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 4 ۽ قومي اسيمبلي جي 21 ميمبرن جي طرفان اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ تي سندن ميمبر شپ بحال ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سينيٽ جي 4 ميمبرن ۾راڻا محمود الحسن، احمد خان، انوار الحق ڪاڪڙ ۽ سعيد هاشمي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن جنيد اڪبر، نور عالم خان، عبدالشڪور، خواجه محمد آصف، ناصر اقبال ڀوسال، راجه رياض احمد، علي گوهر خان، محمد رياض، وحيد عالم، سعد وسيم، حنا رباني کر، مخدوم زاده سيد باسط علي سلطان، پير سيد فضل علي شاهه، سيد محمود شاهه، شازا فاطمه خواجه، مسرت آصف خواجه، شاهده رحماني، شهناز سليم ملڪ، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه، شميم آرا پنهور ۽ بيگم طاهره بخاري اليڪشن ڪميشن کي پنهنجا ۽ پنهنجي ڪفالت هيٺ ماڻهن جي اثاثن جا گوشواره جمع ڪرائي ڇڏيا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن انهن جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي آهي،

پاڪستان علماءُ ڪائونسل پاران  ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ دير تي ڳڻتي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان علماءُ ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي، مولانا نعمان حاشر، مولانا طاهر عقيل اعواڻ، مولانا اسلم صديقي ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جماعت اسلامي پاڪستان طرفان نتيجن جي حوالي سان ڪيل شڪايت تي چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو آهي ته فوري طور جماعت اسلامي پاڪستان ۽ ٻين پارٽين جا خدشا ختم ڪري ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ دير  سان شڪ شبها پيدا ٿيا آهن انهن کي ختم ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.