اسلام آباد( م ڊ) بلوچستان ۾ نيوي جي قبضن خلاف سينيٽ ۾ احتجاج بعد معاملو ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. آزاد سينيٽر نسيما بلوچ اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلوچستان ۾ سامونڊي فوج جي قبضن جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته اسان سمجهيو ته فوج جي اچڻ سان محفوظ هونداسين پر نيوي زمين تي قابض آهي. نسيما بلوچ چيو ته نه صرف غريب عوام پر سفيد پوش ماڻهن جي زمينن تي به قبضا ڪيا ويا آهن. هن چيو ماڻهو نيوي خلاف احتجاج جي تياري ڪري رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين زمين تي قبضن جو معاملو لاڳاپيل سينيٽ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو 03