ڏهرڪي ۽ جيڪب آباد ۾2 ٻارن کي پوليو شڪ ظاهر

ڏهرڪي/جيڪب آباد (رپورٽ اجيت ڪمار+سڪندر سرڪي) ڏهرڪي جي علائقي کينجھو ۾ 7 ورھين جي ٻار کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آهي. ڳوٺ دوست محمد ٽانوري ۾ 7 سالن جي رياض ٽانوري پوليو سبب ٻنهي ڄنگهن کان معذور ٿي ويو.متاثر ٻار جي چاچي گل محمد ٽانوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀائيٽي کي ٻھ مھينا اڳ پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو ھو، جنهن بعد اسان پوليو ايريا انچارج ۽ ڊي ايڇ سي ايڇ او کي آگاھ ڪيو، جيڪو  اسان کي ڏٽا ڏيندو رھيو، ھاڻي اسان جي نينگر جون ٻئي ڄنگهون پوليو سبب سُڪي ويون آهن، ھنن ڊي سي گهوٽڪي ڊي ايڇ او ۽ صحت کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته نينگر جو فوري علاج ڪرائي معذوري کان بچايو وڃي.ٻئي پاسي جيڪب آباد جي علائقي مولاداد ۾ٻن سالن جي ٻار قربان پٽ همت علي راهوجو کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آھي.ٻار جي وارثن موجب سندن ٻارڙي جون ڄنگهون سڪي ۽ ڦري ويون آهن، شڪ آهي ته ٻار کي پوليو ٿي ويو آهي.ڳوٺاڻن گل راهوجو، امام الدين، ٻڍو راهوجو ۽ ٻين ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻار جو علاج ڪرائي کيس معذوري کان بچايو وڃي. ڊي ايڇ او جيڪب آباد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي ڪا به ڄاڻ نه آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جيتوڻيڪ پوليو کان علاوه به ڪافي بيماريون آهن جنھن ڪري به ٻارن ۾ جسماني ڪمزوريون پيدا ٿين ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.