ڪراچي ۾ٿاڻي ڀرسان ڦر مزاحمت تي شهري گوليون هڻي قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾گهر ٻاهران ڦر جي واردات دوران ڦورن شهريءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب نيو ڪراچي سيڪٽر اِي ايس ۾ڪالهه صبح جو اڻڄاتل هٿياربندن بلال ڪالوني ٿاڻي ڀرسان 55 ورهين جي حاجي عبدالعزيز پٽ نور محمد کان ڦر ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربند کيس مٿي ۾ گولي هڻي فرار ٿي ويا، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. ايس ايڇ او بلال ڪالوني آفتاب عباسي جو چوڻ هو ته پوليس کي مقتول وٽان 64 هزار رپيا روڪ رقم ۽ واقعي واري هنڌ تان 30 بور جي پستول جي گوليءَ  جو خول هٿ آيو. ٻئي طرف مقتول جي پٽ عارف جو چوڻ هو ته گهر جو اڏاوتي ڪم هلندڙ هو، پيءُ ٺيڪيدار کي پئسا ڏيڻ وڃي رهيو هو ته گهر ٻاهران موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کانئس ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوبدارن پيءُ تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جو آواز ٻڌي اسان گهر مان ٻاهر نڪري آياسين ته جوابدار فرار ٿي ويا.هوڏانهن اورنگي ٽائون ميٽرو اسپتال ويجهو فائرنگ ۾ افغان شهري 22 ورهين جو عين الله پٽ عبدالعزيز زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.