ام ارباب جو جاگيرداري نظام خلاف جنگ جو اعلان

ميهڙ (رپورٽ:فراز چنو) اڳوڻي يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 5 سال مڪمل ٿي ويا جڏهن ته ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جي قتل کي پنج سال مڪمل ٿيڻ تي ميهڙ ۾سرداري نظام نامنظور جي نالي سان ڏهاڙو ملهايو ويو. تمندار ھائوس اڳيان ورسي تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. تقريب دوران ام ارباب چانڊيو ڳاڙھو جھنڊو کڻي پيرين اگھاڙي جلسي گاھ پھتي جتي ھن عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته مدي خارج جاگيرداري سسٽم خلاف اعلان جنگ ٿي ڪريان، جاگيرداري نظام سنڌ کي تهس نهس ڪري ڇڏيو آھي، جاگيرداري نظام خلاف وڙهندي مران ته ان تي فخر رهندو، جاگيردارن، سردارن، چوڌرين ۽ خانن عوام کي سياست جي نالي ۾ ڄورن جيان رت چوسيو آھي، هاڻي وقت اچي چڪو آھي ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي انهن جي اوقات ڏيکاريون.ام رباب جو چوڻ آهي ته واقعي کي 5 سال گذرڻ باوجود انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان.جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي گهرواري تهمينا دراني ام رباب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ٽويٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي ٽويٽ ۾ تهمينا دراني چيو ته ام رباب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان پنهنجو ڪردار ادا ڪن.ام رباب چيو ته تمام جلد جاگيرداري نظام جي ڪرتوتن خلاف اڇو چٽو پڌرو ڪنديس، ان تي جلد هڪ ڪتاب شايع ڪنديس، هي ڳاڙھو جھنڊو انھن جاگيردارن خلاف وارننگ آھي ته ھاڻي سندن ظلمن خلاف ماڻھو پرچم کڻي نڪري پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.